شيخ قائم خان خانبهادر

شيخ، قائم خان، خانبهادر: خانبهادر قائم خان ولد شيخ نور محمد، 1868ع ڌاري تعلقي قنبر، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ جي ڳوٺ نور محمد شيخ ۾ پيدا ٿيو. هو پنهنجي علائقي ۾ سخاوت جي ڪري تمام گهڻو مشهور هو. هيءُ 1930ع ۾ حج جي سعادت لاءِ ويو ته پاڻ سان گڏ چاليهه ماڻهو ذاتي خرچ تي وٺي ويو ۽ سعودي عرب ۾ سونن سڪن جي صورت ۾ نذرانو ڏنائين. هيءُ سنڌ جي چند ماڻهن مان هو، جنهن لاءِ ڪعبة الله شريف جو در کولي کيس اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. هن مڪي شريف ۾ حاجين جي سهولت لاءِ پاڻيءَ جون ٽانڪيون ۽ مسافرخانا به ٺهرايا. جڏهن ترڪي ملڪ آزاد ٿيو ته ان مسلمان ملڪن کي امداد جي اپيل ڪئي هئي. ان وقت سنڌ مان صرف قائم علي شيخ چندو گڏ ڪري ترڪيءَ جي مالي امداد ڪئي. 1908ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو کوليائين. مدرسي ۾ طالبن جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي جو خرچ به پاڻ ڀريندو هو. 1917ع ۾ ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول کولرايائين، جنهن جو خرچ پاڻ ڀريائين. قائم علي شيخ کي انگريز حڪومت طرفان وڏا اختيار مليل هئا. کيس پهريان خانصاحب ۽ پوءِ خانبهادر جو لقب مليو. هيءُ ڪيترو وقت بمبئي ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. هو هارين سان نهايت شفقت ۽ مهربانيءَ سان هلندو هو. بيماريءَ توڙي شادي غميءَ ۾ پنهنجي هارين جي سار لهندو هو. 1920ع ۾ ڪانگڙي جي جنس بمبئيءَ مان آڻي سنڌ ۾ متعارف ڪراائين. 1906ع ۾ جڏهن ناري واهه کي گهارو لڳو ته قائم خان شيخ هارين جي مدد سان اهو گهارو ٻڌرايو. ان دوران ان ڪم جي نگراني پاڻ ڪندو هو ۽ سموري خرچ جو بار به مٿس هو. انهيءَ گهاري کي
بند ڪرڻ جي عيوض انگريز سرڪار کيس تعلقي قنبر جي ديهه ڪلر ۾ ڇهه سئو ايڪڙ زمين انعام طور ڏني. جنهن ۾ مشهور ڍنڍ ‘ڊگهه ڍنڍ’ به شامل هئي. قائم خان شيخ انهيءَ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ نور واهه مان شيخ واهه کڻايو، جيڪو اڄ به قنبر جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي زمين سيراب ڪري ٿو. هن کي مسجدن جوڙائڻ جو وڏو شوق هوندو هو.
هن پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي ضلعي ۾ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪيتريون ئي مسجدون تعمير ڪرايون ۽ اتي پيش امام مقرر ڪري انهن جا وظيفا پنهنجي خرچ مان ڏيندو هو. هن سڄي حياتي پنهنجي علائقي جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪئي.هيءُ سخي مرد مئي 1936ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو